ٽريور ريسٽ هائوس

ٽريور ريسٽ هائوس: هي تاريخي ماڳ قنبر جي اولهه ۾ 81 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏاڙهياري جبل جي ڀرسان هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي. هن ماڳ بابت چون ٿا، ته اهو انگريز ڪمشنر ”ٽريور“ ٺهرايو هو. ٽريور صاحب لاءِ ”لب تاريخ سنڌ“ جي مصنف خداداد خان لکيو آهي ته هي صاحب 1887ع ۾ سنڌ آيو، جڏهن ته مرزا قليچ بيگ 1885ع ۾ هتي آيو، ته هن هي ريسٽ هائوس ٺهيل ڏٺو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته، هي ريسٽ هائوس ٽريور صاحب جي دور کان به آڳاٽو ٺهيل هو. چيو وڃي ٿو ته ريسٽ هائوس جي اڏاوت جو سامان اٺن ذريعي مٿي آندو ويو هو. جاين جون ڇتيون ٽين جي پڙڇن جون هيون، جيڪي نٽن ۽ بولٽن سان ڳنڍيون ويون هيون. ناليواري محقق اشتياق انصاريءَ جو خيال آهي، ته هي ريسٽ هائوس ”مئنس فيلڊ“ 1862ع ۾ ٺهرايو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ سنڌ آيو هو. هتان جا جابلو ماڻهو هن کي ”ٽريور ريسٽ هائوس“ بجاءِ ”ٽپڙ ريسٽ هائوس“ چون ٿا. هن وقت هي ريسٽ هائوس پٿرن جو ڍير آهي. هي ريسٽ هائوس هڪ چشمي جي ويجھو ٺاهيو ويو هو، انهيءَ چشمي مان هن وقت تائين به قدرتي پاڻي وهندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو